رئيساڻي اسلم خان

رئيساڻي اسلم خان

رئيساڻي اسلم خان

رئيساڻي، اسلم خان: بلوچستان جو اڳوڻو وڏو وزير محمد اسلم رئيساڻي ولد نواب غوث بخش خان رئيساڻي، 5 جولاءِ 1955ع تي بلوچستان جي علائقي سراوان ۾ ڄائو. هي علائقي جو قبائلي اڳواڻ پڻ آهي. ايم. اي (سياسيات) جي ڊگري رکي ٿو. اسلم رئيساڻي، پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي سينٽرل ايگزيڪيوٽوِ ڪميٽيءَ جو رڪن ۽ چار ڀيرا صوبائي اسيمبلي بلوچستان جو ميمبر به چونڊيو آهي. 2008ع وارين صوبائي چونڊن ۾ ڪاميابيءَ کان پوءِ کيس اپريل 2008ع ۾ بلوچستان جو وزيراعليٰ مقرر ڪيو ويو. هن پنهنجي علائقي ۾ زراعت جي ترقيءَ لاءِ جديد وسيلا فراهم ڪيا آهن ۽ اتان جي چيمبر آف ايگريڪلچر جو صدر به رهيو آهي. هي وائلڊ لائيف ڪنزرويشن سوسائٽيءَ جو ميمبر آهي. بلوچستان جي قومي مسئلي سندس شهرت کي ڪافي ڌڪ هنيو آهي، پوءِ به سندس بلوچستان جو وڏو وزير رهڻ مرڪزي حڪومت ۽ بلوچستان جي حالتن جي ضرورت سمجهيو وڃي ٿو. تازو پاڪستان جي سپريم ڪورٽ امن امان جي خراب صورتحال جي پيش نظر سندس حڪومت جي جواز تي سوال اٿاريو ۽ اسيمبليءَ جي اسپيڪر اجلاس جي صدارت کان انڪار ڪيو ۽ آئيني صورتحال پيدا ٿي وئي، پر اسلم رئيساڻيءَ ٻنهي ڳالهين کي قبول نه ڪيو ۽ پنهنجي حڪومت جاري رکيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1955.07.05  عيسوي

بلوچستان جو اڳوڻو وڏو وزير محمد اسلم رئيساڻي ولد نواب غوث بخش خان رئيساڻي، 5 جولاءِ 1955ع تي بلوچستان جي علائقي سراوان ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

الياس
آفتاب شِوداساڻي
رام گيانچنداڻي
اي ڪي بروهي
عرفان حيدر عابدي مولانا
عبدالله مرزا
پرڏيهي پير
چوڌري شجاعت حسين
بيگم ممتاز راشدي
سترام داس سنت
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون